ڪامران ڀٽي

ڪامران ڀٽي

ڪامران ڀٽي

ڪامران ڀٽي: اداڪار، صداڪار، نيوز ڪاسٽر، ليکڪ ۽ مترجم ڪامران ڀٽيءَ جو اصل نالو الھه بخش ڀٽي ولد عبدالله ڀٽي هو. 15 ڊسمبر 1934ع تي، واڍن جي پڙ حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس وڏا لوهارڪو ۽ واڍڪو ڌنڌو ڪندا هئا. هن پرائمري تعليم قاضي عبدالقيوم اسڪول مان، مئٽرڪ مسلم اسڪول مان ۽ ايم اي (صحافت) سٽي ڪاليج حيدرآباد مان 1982ع ۾ ڪئي. کيس شروع کان ئي ريڊئي سان گهڻو لڳاءُ هو. سندس آواز به ڳرو هو، ان ڪري کيس 1955ع ۾، صداڪار طور ڪانٽريڪٽ تي، ريڊيو تي نوڪري ملي. 1965ع ۾ پھريون دفعو پاڪ- ڀارت جنگ دؤران هن پنھنجي جاندار آواز ۾ خبرون پڙهيون ته بيحد مشھور ٿيو. ساڳئي سال ڪراچي، حيدرآباد ۽ اسلام آباد ۾ سينٽرل نيوز آرگنائيزيشن (CNO)/ قومي نشرياتي رابطي تي، سالياني ڪانٽريڪٽ تي نيوز ريڊر/ ٽرنسليٽر طور خبرون پڙهيون ۽ شھرت حاصل ڪئي. 1972ع ۾ سينٽرل نيوز آرگنائيزيشن جڏهن پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۾ تبديل ٿي ته کيس اسٽاف آرٽسٽ طور ريڊيو جي مستقل ملازمت ملي. 1973ع کان 1987ع تائين اسلام آباد ۾ سنڌيءَ جو نيوز ڪاسٽر رهيو. ريڊيو جي ملازمت دؤران هن ڪيترن ئي ڊرامن ۽ پروگرامن جا اسڪرپٽ ۽ متن لکيا. ’ڳوٺاڻي ڪچھري‘ سلسلي جو سڄو متن پاڻ لکندو هو. هن ”روپ متي باز بھادر“ ڊرامي ۾ هڪ مظلوم پيءُ جو مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. کيس سنڌي، اردو، انگريزي، سرائڪي ۽ پشتو ٻولين تي دسترس حاصل هئي. 1987ع ۾ هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پروڊيوسر طور ڪم شروع ڪيو، جتي هِن ڪيترائي ڊراما ۽ ٻيا پروگرام پروڊيوس ڪيا. هن ٻن فلمن ”مٺڙا شال ملن“ ۽ ”چانڊوڪي“ ۾ ڪم ڪرڻ کانسواءِ ڪيترن ئي ٽي وي ڊرامن ۾ پڻ اداڪاري ڪئي. سندس فن جي مڃتا طور کيس صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگي اوارڊ سان پڻ نوازيو ويو. 13 ڊسمبر 1994ع تي رٽائرڊ ٿيو. 2005ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ اخبارن جي مانيٽرنگ لاءِ مقرر ٿيو. اُتي ئي ڪجهه عرصي لاءِ ’اسسٽنٽ سيڪريٽري‘ ۽ پوءِ ’انچارج سيڪريٽري‘ طور خدمتون انجام ڏنيون. اٿارٽي ڇڏڻ کانپوءِ هڪ خانگي اداري پاران حيدرآباد ۽ ملتان ۾، ’بائيبل‘ جي سنڌي، اردو، پشتو ۽ سرائڪي ٻولين ۾رڪارڊنگ جو ڪم شروع ڪيو، ڪامران ڀٽي 90 ورهين جي ڄمار ۾ 28 اپريل 2023ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي ۽ نارا جيل حيدرآباد واري قبرستان ۾ مدفون آهي


لفظ ڪامران ڀٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.12.15  عيسوي

اداڪار، صداڪار، نيوز ڪاسٽر، ليکڪ ۽ مترجم ڪامران ڀٽيءَ جو اصل نالو الھه بخش ڀٽي ولد عبدالله ڀٽي هو. 15 ڊسمبر 1934ع تي، واڍن جي پڙ حيدرآباد ۾ ڄائو.


2023.04.28  عيسوي

ڪامران ڀٽي 90 ورهين جي ڄمار ۾ 28 اپريل 2023ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي ۽ نارا جيل حيدرآباد واري قبرستان ۾ مدفون آهي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رابعه قزداري
ڄام ڏاتار (بزرگ)
اظهر گيلاني
سلمه آغا
بلقيس ايڌي
فتح علي جتوئي
عبدالحق شيخ 2
شير محمد مري
شاهه احمد نوراني
الاهي بخش ايم ڀٽي ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون